17 ہفتہ , نومبر 2018

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فيلڊنگ ڪوچ وڌيڪ ڪم ڪرڻ کان ٽپ جواب ڏئي ڇڏيو

The Pakistan Cricket Team has tapped response from working field coachڪراچي(اسپورٽس نيوز) اسٽيو رڪسن کي روڪڻ واريون ڪوششون ڪامياب نه ٿي سگهيون، هو انگلينڊ جي دوري بعد فيلڊنگ ڪوچ وارو عهدو ڇڏي ڏيندو. پاڪستان ٽيم جي فيلڊنگ ڪوچ اسٽيو رڪسن گذريل مهيني اعلان ڪيو هو ته هو انگلنيڊ جي دوري بعد وقت فرض انجام نه ڏيندو، سندس دور ۾ رانديگرن جي فيلڊنگ ۾ غيرمعمولي بهتري آئي ۽ هاڻ قومي ٽيم ان شعبي ۾ ڪمزور  ناهي . پي سي بي ذريعن موجب گذريل ڏينهن انگلينڊ ۾ ئي پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي اسٽيو رڪسن سان ملاقات ڪئي ۽ کيس عالمي ڪپ تائين ڪم جاري رکڻ جو چيو ته پر هن سندس اهڙي ڳالهه نه مڃي، هن جواز پيش ڪندي چيو ته گهر کان گهڻو ڏور رهڻ ڪري گهر وارن سان وقت گذارڻ جو موقعو ناهي ملندو، ان ڪري وڌيڪ ڪم نٿو ڪرڻ چاهيان ، سندس انڪار بعد پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي مڪي آرٿر سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن تي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر کيس فٽنس ٽرينر گرانٽ ليوڊن کي ئي اضافي ذميواريون ڏيڻ جو مشورو ڏنو جنهن کي منظور ڪيو ويو آهي. جولائي ۾ زمبابوي جي دوري دوران اهو ئي فيلڊنگ ڪوچ جون ذميواريون پڻ سرانجام ڏيندو،  ان دوران ضرورت پوڻ تي نئين ڪوچ جي ڳولها وارو ڪم شروع ڪيو ويندو. ياد رهي ته آرٿر سميت ٻين غيرملڪي اسٽاف جي ڪنٽريڪٽ ۾ عالمي ڪپ 2019 تائين  واڌ ڪئي وئي آهي. پر پي سي بي سندن ڪم مان متاثر هئڻ ڪري ڪنٽريڪٽ ۾ وڌيڪ واڌ ڪرڻ گهري  ٿو.  ياد رهي ته 64 ورهين جي آسٽريلوي وڪيٽ ڪيپر اسٽيو رڪسن 13 ٽسٽ ۽ 6 ون ڊي ميچن ۾ عالمي ميچن ۾ حصو ورتو هو.قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو نئون فيلڊنگ ڪوچ ليوڊن 2016 ۾ وقار يونس جي ڪوچنگ واري دور ۾ ٽرينر ۽ فيلڊنگ ڪوچ هو، پر هاڻ هو فٽنس ٽرينر طور ڪم ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistan inaugurates first AstroTurf cricket stadium in Balochistan

پاڪستان جي پهرين آسٽروٽرف ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو افتتاح

چمن ( اسپورٽس نيوز ) بلوچستان جي شهر چمن ۾ ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے