15 جمعرات , نومبر 2018

عام چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ٿينديون: نگران وزيراعظم  

سوات ( ويب ڊيسڪ ) نگران وزيراعظم ناصر الملڪ  سوات ۾ پنهنجي اباڻي علائقي جو دورو ڪيو جتي انتظاميه سندس آجيان ڪئي. نگران وزيراعظم ناصر الملڪ پنهنجي اباڻي علائقي سوات جو دورو ڪري پنهنجي والد جي قبر تي فاتحه خواني ڪئي. پنهنجي اباڻي علائقي آمد جي موقعي تي مقامي انتظاميه ناصر الملڪ سندس آجيان ڪئي. نگران وزيراعظم علائقي جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. علائقي اڳواڻن نگران وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي جسٽس رٽائرڊ ناصر ملڪ چيو آهي ته مان رڳو ٻن مهينن لاءِ آيو آهيان ۽ پڪ ڏياريان ٿو ته چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ٿينديون. هن چيو ته ملڪ ۾ سمورا ڪم آئين ۽ انصاف موجب ئي ٿيندا. سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي اختيارن موجب ماڻهن جي خدمت ڪندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان آءِ ايم ايف کان 19هون ۽ آخري پروگرام وٺڻ وڃي رهيو آهي: اسد عمر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته پاڪستان 19هين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے