15 جمعرات , نومبر 2018

پهرين ترجيح بالنگ آهي، ڪڏهن به بيٽسمين بڻجڻ جو ناهي سوچو: شاداب خان

The first preference is the bowling, never think of making batteries: Shadab Khanليڊز(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڀرندڙ ستاري شاداب خان بالنگ کي پهرين ترجيح قرار ڏئي ڇڏيو، هو اسٽيون سمٿ جيان بالر مان بيٽسمين نٿو بنجڻ چاهي.  ياسر شاهه جو خال پُر ڪرڻ لاءِ پاسڪتان ٽيم ۾ شامل ڪيو ليگ اسپنر شاداب خان بالنگ کان وڌيڪ بيٽنگ ۾ پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاري رهيو آهي، ليڊز ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ ففٽي اسڪور ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس دوران سوال ڪيو ويو ته ڇا هو اسمٿ جي نقش قدم تي هلڻ چاهيو ٿا جيڪو بالر طور آسٽريلوي ٽيم ۾ آيو پر ڪامياب بيٽسمين بڻجي ويو،  جنهن جي جواب ۾ شاداب خان مسڪرائيندي جواب ڏنو ته فلحال نه، اسمٿ منهنجو پسنديدا رانديگر آهي، پر بيٽسمين طور نٿو کيڏڻ چاهيان ، خواهش آهي ته بالنگ آل رائونڊر طور ٽيم جي ڪاميابي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيان. شاداب خان چيو ته ڪنهن به بالر يا ڪنڊيشنز جي پرواهه ڪرڻ بجائي پنهنجي قدرتي راند کيڏندو آهيان، ميرٽ تي بيٽنگ ڪندي جتي مناسب سمجهندو آهيان اسٽروڪ کيڏڻ کان ناهيان لنوائندو، ليڊز ۾ ڪنڊيشنز لارڊز کان مختلف هيون پر مان ٽيم لاءِ رنسون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان ۾ ڪامياب رهيس. دٻاءُ ۾ سٺي اننگز کيڏڻ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ميچ جي صورتحال ڪهڙي به هجي هو سمجهي ٿو ته آخري موقعو موٽ موجود آهي ۽ ان جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهان ٿو. شاداب خان چيو ته سٺي فارم جي باوجود بيٽنگ آرڊر ۾ مٿي اچڻ جي باري ۾ ڪڏهن ناهي سوچو، ڪافي عرصي کان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ بيٽسمين موجود آهن، ٽيم گڏجاڻي ۾ پڻ اهڙو تجربو ڪرڻ جون ڳالهيون ناهن ٿيون، هن چيو ته ياسر شاهه جي کوٽ پوري ته نٿو ڪري سگهان پر سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات ٿي وئي آهي جڏهن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے