17 ہفتہ , نومبر 2018

سٽي بازيءَ جي عادت سبب سلمان خان سان تڪرار پيدا ٿيو: ارباز خان

Due to the habit of starvation, Salman Khan got a dispute with him: Arbaz Khanممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جي سلطان سلمان خان جي ننڍي ڀاءَ ارباز خان انڪشاف ڪيو آهي ته آءِ پي ايل ۾ سٽو کيڏڻ واري عادت تي سندس وڏي ڀاءُ سلمان خان هن مٿان هٿ کنيو ۽ ٻنهي ڀائرن جي وچ رشتي ۾ تڪرار پڻ ان ئي سبب پيدا ٿيو آهي. انڊين پريمپيئر ليگ(آءِ پي ايل ) جو شمار دنيا جي وڏين ڪرڪيٽ ليگن ۾ ٿيندو آهي، پر سٽي بازي سبب اها ليگ سموري دنيا ۾ بدنام ٿي چڪي آهي، ايتري تائين جو بالي ووڊ جا وڏا وڏا نالا به ان ليگ ۾ سامهون آيا آهن. ويجهڙائي ۾ باليووڊ دبنگ اداڪار سلمان خان جي ڀاءِ اداڪار ارباز خان جو نالو پڻ ان ليگ ۾ سامهون آيو آهي، ميڊيا جي رپورٽن موجب ارباز خان گذريل ڏينهن پوليس جي ايڪسٽورشن سيل جي اڳيان پيش ٿيو ، جتي هن گذريل پنجن ورهين دوران سٽي بازي ۾ شامل هئڻ وارو ڏوهه قبوليو، جڏهن ته هو گذريل سال سٽي بازيءَ  سبب گذريل ڪجهه ورهين ۾ هو  3ڪروڙ رپيا پڻ هارائي چڪو آهي،  هن بڪي کي پيسا ڏيڻ کان پڻ منع ڪري ڇڏيو هو ته جنهن سبب کيس موتمار ڌمڪيون به مليون، سٽي بازيءَ جي عادت ۾ مبتلا هئڻ سبب سلمان خان ۽ ارباز خان جي وچ ۾ گهڻائي اختلاف پيدا ٿي ويا هئا. ارباز خان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڏياريءَ واري ڏينهن سلمان خان سندس مٿان هٿ اُلاريو، پر وچ ۾ سندن امڙ اچي وئي ۽ ان سلمان خان هٿان مار کائڻ کان بچائي ورتو، تڏهن کان ئي سلمان خان ارباز خان جي مٿي تان شفقت وارو هٿ کڻي ڇڏيو هو، ايستائين جو ارباز خان جي هوم پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ دبنگ سريز جي ٽئين فلم”دبنگ3“ ۾ پڻ سلمان خان ان تڪرار سبب ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هيو ۽ فلم جي شوٽنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ديري جو شڪار ٿي وئي. ٻئي پاسي ارباز خان ٻن ورهين بعد پنهنجي ملائڪا اروڙا وچ ۾ ٿيل طلاق جو سبب ٻڌائيندي چيو ته پيسن جي وصولي لاءِ سندس اڳوڻي گهرواري ملائڪه اروڙا خان جي نمبر تي پڻ فون ڪال اچڻ لڳيون هيون، جنهن سبب گهر ۾ روز جيهڙو ٿيندو رهندو هو، اهو ئي سبب هو جو ملائڪه ارباز خان کان طلاق وٺي ڇڏي ۽ 10 ڪروڙ رپين جي رقم پڻ وصول ڪئي. ياد رهي ته ارباز خان آءِ پي ايل ۾ سٽي بازي اسڪينڊل ۾ خراب نموني ڦاٿو آهي، جڏهن هاڻ هن پوليس کي ڀرپور سهڪار ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Deepika Padukone’s engagement ring is as lavish as her wedding. See pics

رنوير طرفان پنهنجي ڪنوار دپيڪا کي ڏنل پهرين تحفي جا چرچا

ممبئي ( شوبز نيوز ) رنوير سنگهه پنهنجي ڪنوار دپيڪا پڊڪون کي قيمتي منڊيءَ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے