18 اتوار , نومبر 2018

بي جي پي اڳواڻ سيتا کي ٽيسٽ ٽيوب بي بي قرار ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي نائب وڏي وزير ڊاڪٽر ونيش شرما کي هندن جي مقدس ديوي سيتا کي ٽيسٽ ٽيوب بي بي قرار ڏيڻ تي سخت تنقيد جومنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته بي جي پي بيان واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. لکنئو ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي يو پي جي نائب وڏي وزير ڊاڪٽر ونيش شرما چيو ته تاريخ ۾ سيتا جي پيدائش هڪ گهڙي ذريعي ٿيڻ جو ذڪر آهي، جيڪا اڄوڪي ٽيسٽ ٽيوب بي بي جهڙي ٽيڪنالوجي جهڙي لڳي ٿي.  هن چيو ته جنڪ جي جي هر هلائڻ سان زمين ۾ هڪ گهڙو نڪتو جنهن مان سيتا نڪتي اها ڪٿي نه ڪٿي ٽيسٽ ٽيوب بي بي جهڙي ٽيڪنالوجي رهي هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے