19 پیر , نومبر 2018

تحريڪ انصاف وڌيڪ 2 وڪيٽون ڪيرائي ڇڏيون

The PTI announces nomination papers for national and provincial assemblies in Sindhچڪوال ( ويب ڊيسڪ ) عام چونڊن کان اڳ تحريڪ انصاف طرفان ن ليگ سميت ٻين پارٽين جي وڪيٽون ڪيرائڻ جو سلسلو جاري آهي. تحريڪ انصاف وڌيڪ 2 وڪيٽون ڪيرائي ڇڏيون جنهن ۾ ن ليگ جو اڳوڻي ضلعي ناظم سردار غلام عباس ۽ ڪوئيٽا جو اڳوڻو وزير مير شاهنواز مري شامل آهن. ٻئي اڳواڻ باقاعده طور تي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان عمران خان سان ملاقات بعدڪندا.  تحريڪ انصاف ۽ سردار غلام عباس ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ عمران خان ۽ جهانگير ترين سان ملاقات ڪري پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪندو.  سردار غلام عباس چڪوال جي مشهور سياسي شخصيت آهي هن آزادي حيثيت ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ تان چونڊ وڙهي هڪ لک کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا. ٻئي طرف ڪوئيٽا مان اڳوڻي وزير مير شاهنواز مري به تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے