20 منگل , نومبر 2018

اليڪشن ڪميشن ترميم ٿيل چونڊ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

Ask the details of monitoring assets by the ECPاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن ترميم ٿيل چونڊ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي نامزدگي ڪاغذن بابت فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي تنهن ڪري نامزدگي ڪاغذ اليڪشن ايڪٽ 2017ع موجب برقرار رهندا. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته نامزدگي ڪاغذ 4 کان 8 جون تائين جمع ٿي سگهندا جڏهن ته اميدوارن جي شروعاتي لسٽ 8 جون تي لڳائي ويندي. ايڪشن ڪميشن ٻڌايو ته باقي چونڊ شيڊول ساڳي نموني برقرار رهندو ۽ نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ 14 جون تائين ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن موجب رٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اپيلون 18 جون تائين داخل ڪيون وينديون ۽ اپليٽ ٽربيونل 26 جون تائين اپيلون اڪلائيندو.  اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سياسي پارٽيون عورتن، غير مسلمن جي مخصوص سيٽن لاءِ اوليت لسٽون 8 جون تائين جمع ڪرائي ڇڏين ۽ مخصوص سيٽن بابت اوليتي لسٽون لاڳاپيل رٽرننگ آفيسرن جي آفيسن ۾ جمع ٿينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم عمران خان 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ملائشيا روانو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان ٻن جي سرڪاري دوري تي ملائيشيا روانو ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے