17 ہفتہ , نومبر 2018

رشيد گوڊيل به تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ رشيد گوڊيل تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ايم اين اي رشيد گوڊيل بني گالا ۾ عمران خان سان ملاقات ڪري تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪئي. ان موقعي تي عمران خان چيو ته رشيد گوڊيل ڀائي جي تحريڪ انصاف ۾شامل ٿيڻ تي مون کي خوشي آهي. هن چيو ته خوشي تنهن ڪري آهي جو ڪراچي ۾ ڪوشش رهيا آهيون اهو نتيجو ڏيون ته جيئن تبديلي آڻي سگهون. هن چيو ته ڪراچي ملڪ جي معاشي دل آهي ۽ ڪراچي اٿي نه رهيو آهي، تنهن ڪري پاڪستان به مٿي نه وڃي رهيو آهي تنهن ڪري ڪراچي کي تبديلي جي سخت ضرورت آهي. عمران خان چيو ته رشيد گوڊيل جي اچڻ سان ڪراچي کي پراڻي ٽيم سان منظم ڪنداسين ۽ ايندر چونڊن ۾ تحريڪ انصاف ڪراچي مان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري سگهندي.  رشيد گوڊيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تحريڪ انصاف غريبن لاءِ آواز اٿاريندڙ ۽ مسئلن کي سمجهندڙ پارٽي آهي پر اليڪشن جي تڪ بابت اڃا فيصلو نه ٿيو آهي.  هن چيو ته ڪراچي کي 20، 30 سالن کان نظر انداز ڪيو پيو وڃي تنهن ڪري هاڻي ان نتيجي تي پهتو آهيان ته ڪراچي کي هڪ قومي سطح جي پارٽي جي ضرورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

khawaja asif

عمران خان يوٽرن واري بيان تي به يوٽرن وٺندو: خواجه آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے