20 منگل , نومبر 2018

نيوز: فريد آباد: 3 ڏينهن اڳ بدلي ٿيل گرڊ انچارج اعجاز بروهي جي بدلي خلاف احتجاج

Faridabad: Protest against change in grid charge of Ejaz Brohi 3 days ago*فريد آباد ۾ 3 ڏينهن اڳ بدلي ٿيل گرڊ انچارج اعجاز بروهي جي بدلي خلاف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين پاران احتجاج ڪيو ويو .

شهرين  عبدالرشيد عباسي، روشن ٻگهيو، رفيق خاصخيلي، محمد بخش بروهي، علي چانڊيو، اشفاق احمد بروهي ، فهد بروهي۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

  اڳواڻن چيو ته بااثرن غيرقانوني ڪنيڪشن نه ڏيڻ جي صورت ۾ گرڊ انچارج جي مٿان ڪوڙا الزام هڻي جي ايس او ميهڙ دين محمد انڙ کي رشوت ڏئي گرڊ تي ڇاپو هڻائي انچارج کي بدلي ڪرايو  آهي،

هنن چيو ته گرڊ انچارج اعجاز بروهي جي هوندي کين رمضان مهيني ۾ ڦل رليف ملندو هو ،هاڻي وري لوڊشيڊنگ ڪئي ٿي وڃي،

هنن سيپڪو جي اعليٰ  اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي بدلي ڪيل گرڊ انچارج اعجاز بروهي کي واپس ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري  رهندو………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ امداد بابت معاهدو

پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ امداد بابت معاهدو طئي ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے