20 منگل , نومبر 2018

والد جي خواهش هئي ته انگلينڊ طرفان عالمي ڪرڪيٽ کيڏان: معين علي

Dad wished to join the World Cup by England: moin Aliلنڊن(اسپورٽس نيوز) انگلش آل رائونڊر معين علي ڪرڪيٽر بڻجڻ جو سبب پنهنجي والد کي قرار ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته سندس والد سڄي رات ٽيڪسي هلائندو هيو، صبح 6 وڳي هو واپس گهر ايندو هيو ۽ وري 9 وڳي کيس پريڪٽس تي ڇڏي ايندو هيو، سندس وڏي خواهش هئي ته مان ڪرڪيٽر ٿيان، جڏهن ننڍڙو هئس ته هن چيو هو ته پنهنجي حياتي جا ٻه ورهيه مونکي ڏي،  انکا پوءِ جيڪو تون ڪرڻ چاهين اهو ڪجان، مان جن ڇوڪرن سان پريڪٽس ڪندا هئس انهن مان ڪنهن وٽ به بيٽ ، پيڊ ۽ ٻيو سامان هوندو  هيو سڀ هڪ ٻئي جو سامان شيئر ڪندا هئاسين.والد جي خواهش هئي ته انگلينڊ طرفان عالمي ڪرڪيٽ کيڏان،  هن چيو ته خوش قسمت آهيان جو انگلش ٽيم طرفان عالمي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو موقعو مليو، والد به خوش آهي، هاڻ هو فخر سان چوندو آهي ته سندس پٽ انگلينڊ طرفان عالمي ڪرڪيٽ کيڏندو آهي ۽ اها ئي خوشي منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shafiq chalks up 4,000 runs as Pakistan eyes victory

اسد شفيق جون ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ چار هزار رنسون مڪمل

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀلوڙ بيٽسمين اسد شفيق ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 4 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے