13 منگل , نومبر 2018

برين ڊي پالما جو هاروي وائنسٽن جي ”جنسي هراسان واري اسڪينڊل“ تي هارر فلم ٺاهڻ جو اعلان

Announces Harrison film on Harvie Winson's "Sexual Hosting Scandal" by Brian de Palmaنيويارڪ(ويب ڊيسڪ) هاليووڊ جي خوفناڪ ۽ ڀوائتي فلمن جي مشهور ڊائريڪٽر برين ڊي پالما هاوري وائنسٽس جي طرفان عورتن ۽ ادڪارائن کي جنسي طور هراسان ڪرڻ ۽ انهن سان ڏاڍائي ڪرڻ واري معاملي تي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. خيال رهي ته 66 ورهين جي هاليووڊ پروڊيوسر هاروي وائنسٽن تي گذريل مهيني 31 مئي تي نيويارڪ جي گرينڊ جيوري جنسي ڏوهن ۽ ڏاڍائن جي تحت فرد جرم لاڳو ڪيو هو. هن مٿان 100 کان وڌيڪ عورتن توڙي ادڪارائن سان جنسي طور هرسان ڪرڻ ”ريپ“ جو الزام لڳايا ويا آهن. هاروي وائنسٽن جي خلاف گذريل سال آڪٽوبر کان لنڊن جي ميٽرو پوليٽن پوليس ۽ لاس اينجلس پوليس الڳ الڳ جاچ ڪري رهي آهي. هاوري وائنسٽن تي انجلينا جولي، ايشلي جڊ، سلميٰ هائيڪ ۽ ڪيٽ بلينشٽ سميت پهرين جوڙ جي هاليووڊ ادڪارائن جنسي طور هيسائڻ ۽ ريپ جي الزام لڳايا هئا. هن مٿان سڀ کان پهريان آڪٽوبر 2017 ۾ الزام سامهون آيا هئا. هاروي وائنسٽس سمورا الزام رد ڪندي چيو هو ته هن ۽ سمورين عورتن جي وچ ۾ راضپي سان جنسي تعلقات قائم ٿيا هئا، جڏهن ته 31 مئي تي نيويارڪ جي گرينڊ جيوري هن مٿان فرم جرم لاڳو ڪيو هو. هاروي وائنسٽن سڪيس اسڪينڊل تي برطانوي نشرياتي اداري”بي بي سي“ پڻ ڊاڪيومنٽري فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. هان هاليووڊ جي مشهور ڊائريڪٽر 77 ورهين جي برين ڊي پالما پڻ ان موضوع تي هارر فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ ڊائريڪٽر برين ڊي پالما چيو آهي ته هاروي وائنسٽن سيڪس اسڪينڊل سان جڙيل ڪيتريون ئي ڪهاڻين جي ڄاڻ آهي ۽ کيس ڪيترن ورهين کان ان جو علم هو. برين ڊي پالما وضاحت ڪئي ته جيئن هو هاروي وائنسٽن جي اسڪينڊل کي نظر ۾ رکي ڪري هڪ فلم جو اسڪرپٽ لکي رهيو آهي، پر ان جو مرڪزي ڪردار هاروي وائنسٽن هو هوندو. مشهور ڊائريڪٽر موجب هن فلم ٺاهڻ لاءِ هڪ فرانسيسي پروڊيوسر سان پڻ ڳالهيون ڪيون آهن، هن جي بولڊ هارر هوندي، جنهن جنسي ڏوهن ۽ ريپ جي واقعن کي ڏيکاريو ويندو. هدايتڪار اهو پڻ ٻڌايو ته فلم جي ڪهاڻي شوبز انڊسٽري جي چوڌاري گهمندي ۽ ان عورتن طرفان پنهنجي حقن لاءِ هلايل تحريڪ کي پڻ ڏيکاريو ويندو. برين ڊي پالما اهو ناهي ٻڌايو ته هو ڪيستائين پنهنجي فلم جو اسڪرپٽ مڪمل ڪندو ۽ فلم ڪڏهن ريليز ڪئي ويندي. پر امڪان آهي ته برين ڊي پالما ان فلم تي ان وقت ڪم شروع ڪندو جڏهن هاروي وائنسٽن جي ڪيس جو فيصلو اچي ويندو.هاروي وائنسٽن جو ڪيس هن وقت نيويارڪ جي گرينڊ جيوري ۾ ٻڌڻي هيٺ آحي جنهن جي ايندڙ ٻڌڻي جولائي ۾ ٿيندي. برين ڊي پالما 30 جي لڳ ڀڳ فلمن جي هدايتڪاري ڏئي چڪو آهي، سندس گهڻي قدر فلمون ڀوائتيون ۽ ٿرلر هونديون آهن، سندس آخري فلم ”پيشن“ 2012 ۾ ريليز ٿي هئي، سندس مشهور فلمن ۾ ڪيري، اسڪيرفيس، ان ٽچ ايبل، مرڊر اي لاموڊ، ڊي فيوري، اوبيسشن ۽ ڊريسڊ ٽو ڪل جهڙيون فلمون شامل آهن

هي به ڏسي سگهو ٿا

سارا علي خان پنهنجي ويڳي ماءُ جي نقش قدم تي هلڻ جي خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ ۾ نئي نئي انٽري ڏيندڙ اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے