20 منگل , نومبر 2018

نيوز: عادلپور: شنڪر ميگهواڙ جي قاتلن جي گرفتار لاءِ وارثن پاران احتجاج

Adalpur: protests by the heirs for arresting Shankarkar Muttahida Qaumi Movementعادلپور ۾ وارثن پاران نوجوان جي قتل ۾ ملوث بااثر جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ شهيدن مهر ۾ مقتول نوجوان شنڪر ميگهواڙ جي والدين خميسو ۽ نجما سميت ٻين مائٽن جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول نوجوان جي وارثن چيو ته سندن نوجوان شنڪر کي بااثرن جوابدارن تشدد ڪرڻ بعد قتل ڪري واهه ۾ اڇلايو، جوابدارن سان زميني تڪرار به هلندڙ آهي.

هنن چيو ته قتل ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، جوابدار کين ڳوٺ نيڪالي لاءِ زرو رکي رهيا آهن.

سندن چوڻ هو ته بااثر جوابدارن سندن زمين تي قبضو ڪري سندن نوجوان کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي.

مقتول جي وارثن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪن………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: هاڻوڪي حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي جو سونامي آندو آهي: بلاول

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻين پارٽين جي سياست انهن تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے