21 بدھ , نومبر 2018

نصرت فتح علي خان جون قواليون ڳائڻ لاءِ ڪنهن جي اجازت جي ضرورت ناهي: راحت فتح علي خان

No need for permission to sing Nusrat Fateh Ali Khan's abilities: Rahat Fateh Ali Khanڪراچي(شوبز نيوز) مشهور راڳي راحت فتح علي خان چيو آهي ته کيس پنهنجي چاچي ۽ استاد نصرت فتح علي خان جو قواليون ڳائڻ لاءِ ڪنهن جي اجازت جي ضرورت ناهي. پنهنجي بيان ۾ راحت فتح علي خان چيو ته هو پنهنجي چاچي ۽ استاد نصرت فتح علي خان جو جانشين آهي ۽ هن ئي پرورش ڪئي آهي. هن چيو ته سندس والد استاد فرخ فتح علي خان ۽ا ستاد نصرت فتح علي خان ۽ هن جي ڏاڏي فتح علي خان جو ڪلام ڳائيندا هئا. گهر جا ٻيا ڀاتي پڻ انهن جو ڪلام ڳائيندا آهن ۽ ان ۾ ڪا به اجازت وٺڻ واري ڳالهه ناهي. راحت فتح علي خان چيو ته سندس گهر ۾ قوالي ۽ صوفياڻي راڳ جو سلسلو 600 ورهين کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل آهي. ياد رهي ته ويجهڙائي ۾ ئي قوالي جي بادشاهه نصرت فتح علي خان جي پٽ ندا نصرت اعلان ڪيو هو ته هو بنا اجازت پنهنجي پيءُ جا ڳايل گيت ڳائينڊڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

راکي ساونت، تنوشري دتا کان معافي وٺي ڇڏي

ممبئي (شوب نيوز)بالي ووڊ جي آئٽم گرل راکي ساونت اداڪارا تنوشري دتا کان معافي گهري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے