14 بدھ , نومبر 2018

اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذن جي وصولي شروع ڪري ڇڏي

State Bank directs special candidates to open their accountاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ نامزدگي ڪاغذ جاري ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. سڄي ملڪ جي رٽرننگ آفيسرن نامزدگي ڪاغذ جاري ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. نامزدگي ڪاغذ 8 جون تائين حاصل ۽ جمع ڪرايا ويندا جيڪي صبح 8 وڳي کان 4 وڳي تائين حاصل ڪري سگهبا. نامزدگي ڪاغذ اردو ۽ انگريزي ٻنهي ٻولين ۾ دستياب آهن جنهن جي في 100 رپيه آهي. اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي سڪيورٽي في 30 هزار مقرر ڪئي آهي جڏهن ته صوبائي اسيمبلي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي سڪيورٽي في 20 هزار رپيه رکي وئي آهي. هڪ چوٿائي کان گهٽ ووٽ حاصل ڪرڻ جي صورت ۾ في ضبط ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن موجب اميدوارن جي شروعاتي لسٽ 8 جون تي لڳائي ويندي. ترجمان موجب باقي چونڊ شيڊول ساڳي نموني برقرار رهندو ۽ نامزدگي ڪاغزن جي ڇنڊ ڇاڻ 14 جون تائين ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن موجب رٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اپيلون 19 جون تائين داخل ڪيون وينديون ۽ اپيلٽ ٽربيونل 26 جون تائين اپيلون اڪلائيندا. اليڪشن ڪميشن موجب سياسي پارٽيون عورتن، غير مسلمن جي مخصوص سيٽن جون اوليتون فهرستون 8 جون تائين جمع ڪرائي ڇڏيندا ۽ مخصوص سيٽن بابت اوليتي لستون رٽرننگ آفيسرن جي آفيسن ۾ جمع ٿينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے