23 بدھ , جنوری 2019

اسان جي حڪومت ۾ سڀ ٺيڪ هو، لوڊشيڊنگ جو سوال نگران حڪومت کان ڪرڻ گهرجي: نواز شريف

Some people want to post their elections: Nawaz Sharifاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته سڀ ٺيڪ ڇڏي وياسين، اسان پنهنجي دور جا ذميوار آهيون، لوڊشيڊنگ جو سوال هاڻي نگران حڪومت کان ڪرڻ گهرجي. احتساب عدالت ۾ العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته مان رڳو ايترو چوندس ته جيستائين اسان جي حڪومت هئي سڀ ٺيڪ هو، آخري ڏينهن ۾ شهباز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي گهڻين رٿائن جو افتتاح ڪيو. هن چيو ته وفاق ۽ پنجاب ۾ 39 ميگا منصوبا شروع ڪيا، نيلم، جهلم ۽ تربيلا چار کي مڪمل ڪيو، گوادر ڪوئيٽا روڊ ٺاهيو، برهان کان ڊي آءِ خان تائين روڊ اڏاوت هيٺ آهي. سندس چوڻ هو ته يونيورسٽيون ۽ اسپتالون الڳ آهن، ڇا هي ڪم ڪنهن ماضي جي حڪومت ڪيو آهي ۽ ڇا ڪنهن موٽرويز ٺاهيا آهن، ڪير هو جيڪو ملڪ کي اونداهين ۾ ٻوڙي ويو ۽ ڪير هو جنهن روشنيون واپس آنديون. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته وزيراعظم لاهور، ملتان ۽ سکر موٽروي جو افتتاح ڪري ها پرٺاهڻ وارن دير ڪئي، اها رٿا مئي 2018ع ۾ مڪمل ٿيڻي هئي، مان هجان ها ته شايد دير نه ٿي ها. هن چيو ته حيدرآباد ڪراچي موٽروي ٺهي چڪو آهي، ڪڇي ڪئنال تاريخي منصوبو مڪمل ڪيو، لواري ٽنل ڏسي وٺو جنهن سبب چار ڪلاڪ سفر گهٽ ٿيو آهي، لواري ٽنل پهرين سال ۾ 6 مهينا بند رهندو هو هاڻي سڄو سال کليل رهندي آهي.  اڳوڻي وزيراعظم صحافين کان سوال ڪيو ته اسان ته نيب ڪورٽ ۾ ڦاٿل آهيون نه ته اوهان کي وٺي وڃي لواري ٽنل جو سير ڪرايون ٿا. هن چيو ته چترال وارا پهريون اچي ئي نه سگهندا هئا پر هاڻي اتي بجلي به اچي وئي ۽ پاور پلانٽ به لڳي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوليس شاهد پيش نٿي ڪري سگهي انصاف ڇا ڏياريندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي ايم شيخ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے