16 اتوار , دسمبر 2018

بلوچستان ۾ نگران وڏي وزير جو معاملو پارلياماني ڪميٽي حوالي

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان ۾ نگران وڏي وزير جو فيصلو نه ٿي سگهيو، حڪومت ۽ مخالف ڌر 2، 2 نالا پارلياماني ڪميٽي ۾ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ عبدالرحيم زيارتوال ۾ هڪ دفعو ٻيهر ملاقات ٿي. ملاقات دوران بلوچستان جي وڏي وزير لاءِ صلاح مشورو ڪيو ويو پر نگران وڏي وزير تي ڊيڊ لاڪ برقرار رهيو ۽ ڪنهن نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو.  نگران وڏي وزير لاءِ اتفاق راءِ نه ٿيڻ سبب حڪومت ۽ مخالف ڌر 2، 2 نالا پارلياماني ڪميتي کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هاڻي پارلياماني ڪميٽي نگران وڏي وزير لاءِ تجويز ڪيل نالن تي غور ڪندي جيڪڏهن پارلياماني ڪميٽي به ڪو فيصلو نه ڪري سگهي ته نگران وڏي وزير جي مقرري جو اختيار اليڪشن ڪميشن حوالي ٿي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ جي جمهوريت لاءِ جدوجهد وقت عمران خان سياسي طور پيدا به نه ٿيو هو: قمر زمان ڪائرا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته جنهن وقت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے