13 منگل , نومبر 2018

شاهد آفريديءَ وارو معاملو  منظرعام تي آڻڻ وڏي غلطي هئي: عرشي خان

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا ۽ مڊل عرشي خان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪرڪيٽر شاهد آفريدي سان مبينا تلعقاتن کي منظر عام تي آڻڻ کي غلطي قرار ڏئي ڇڏيو. بگ باس سيزن 11 ۾ شرڪت ڪندڙ ماڊل عرشي خان پنهنجي تڪرار بيانن سبب اڪثر خبرن ۾ رهندي آهي ۽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي سان محبت هئڻ جي پڻ ڪيترائي ڀيرا دعويٰ ڪري چڪي آهي.  ڪجهه ورهيه اڳ اداڪارا سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستاني ڪرڪيٽر شاهد آفريدي تي الزام لڳايو هو ته هن جو شاهد آفريدي سان  انتهائي وجهڙائي وارو رشتو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب هڪ ٽي وي شو ۾ عرشي خان چيو آهي ته هو شاهد آفريدي جي دل سان احترام ڪندي آهي، هن چيو ته هن سندس لاءِ ڪافي ڪجهه ڪيو ۽ جيڪي ٽوئٽ ڪيا اهي غلطيون هيون ۽ ان حساس معاملي تي پڻ سرعام ميڊيا تي نه ڳالهائڻ گهرجي ها. هن چيو ته هن تي شاهد آفريدي جا تمام گهڻا احسان آهن. ياد رهي ته ان کان اڳ عرشي خان فحاشي جو ڪاروبار هلائڻ ۽ جسم تي پاڪستان ۽ ڀارت جو قومي جهنڊو ٺاهڻ واري ڪيس ۾ پڻ گرفتار ٿي چڪي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيف علي خان جي ڌيءُ رنڀير ڪپور سان شادي جي خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي ڌيءُ  سارا علي خان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے