22 پیر , اکتوبر 2018

خلائي اسٽيشن ۾ ساڍا 5 مهينا رهڻ بعد 3 خلابازن جي ڪاميابي سان زمين تي واپسي

After 3 months of staying in the space station, 3 vacancies successfully return to the groundآستانه (ويب ڊيسڪ) ساڍن 5 مهينن تائين عالمي خلائي اسٽيشن ۾ رهڻ بعد آمريڪا، روس ۽ جپان سان واسطو رکندڙ 3 خلاباز زمين تي ڪاميابي سان واپس اچي ويا. جن کي ميڊيڪل ٽيم قازقستان ۾ ڪيپسول مان ٻاهر ڪڍيو . سائنسي ويب سائٽ فزڪس موجب روسي سوئيوز اسپيس ڪيپسول(Russian soyus space capsule) ۾ سوار خلابازن ۾ آمريڪي خلائي تحقيقاتي اداري ناسا جي خلاباز اسڪاٽ ٽنگل، روسي ڪوسمونوٽ اينٽون شڪاپليروو ۽ جپان جي ايروا اسپيس ايڪسپلوريشن ايجنسي(جي اي ايڪس اي)  جي نورشگي ڪنائي شامل هئا. 49 expedition  مهم جو اهو عملو مدار ۾ 168 ڏينهن گذارڻ بعد زمين تي واپس پهتو ۽ انهن جا ڪيپسول بنا ڪنهن خرابي جي آچر جي شام 6 لڳي 39 منٽن تي قازقستان جي ويجهو لينڊ ڪيو، جتي ميڊيڪل ٽيم ٽنهي خلابازن کي ڪيپسول مان ٻاهر ڪڍيو. ان وقت ٽنهي جي منهن تي مسڪراهٽ هئي، جيڪا انهن جي ڪاميابي سان زمين تائين پهچڻ جي خوشي ۾ هئي. انهن خلابازن کي ميڊيڪل چڪاس لاءِ  ليب پڻ وٺي ويا، جنهن بعد انهن کي ماسڪو يا هوسٽن روانو ڪيو ويندو . عالمي خلائي اسٽيشن ۾ هاڻ 3 خلاباز باقي بچا آهن، جن ۾ آمريڪي خلاباز ڊريو ديوسٽل ۽ رڪي آرنلڊ ۽ روس جو اوليگ آرٽيميو شامل آهن. ٻئي پاسي واپس ايندڙ خلابازن جي جاءِ تي وڌيڪ 3 خلابازن کي اڱاري ڏينهن قازقستان کان انٽرنيشنل خلائي اسٽيشن موڪليو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قطب اتر جي مستقل برف جو اڌ حصو ختم ٿي چڪو آهي: ناسا

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ اعليٰ تعليم يافته ماڻهن جو وڏو انگ آب هوا ۾ تبديلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے