14 بدھ , نومبر 2018

سپريم ڪورٽ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت بابت ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر

Making a law is a work of the law, the laws can not change. Supreme Courtاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت بابت ڪيس ايندڙ هفتي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ ماحولياتي آلودگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت بابت ڪيس ايندڙ هفتي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو. عدالت پاڻي جي کوٽ ۽ ڊيمن جي اڏاوت بابت ٻيا ڪيس به مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته پاڻي جي کوٽ ملڪ لاءِ سڀ کان وڏو ناسور آهي، ڪشن گنگا ڊيم سان جهلم درياءَ خشڪ ٿي ويندو، ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهيان ته پاڻي جو مسئلو سنگين آهي، ايندڙ نسل کي جيڪڏهن پاڻي نه ڏنو ته ڪجهه نه ڏنو. ان موقعي تي هر سياسي پارٽي لاءِ چونڊن کان اڳ ڊيمن جي اڏاوت جو واعدو لازمي قرار ڏنو وڃي، چونڊن ۾ ووٽ سان ڪالاباغ ڊيم تي ريفرنڊم جي پرچي به شامل ڪئي وڃي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اليڪشن کي ڪنفيوز نه ڪيو، پاڪستان جي بقا جو دارو مدار پاڻي جي مسئلي تي جيڪو ٿي سگهيو ڪندس، 48 سالن کان ملڪ ۾ ڪو به ڊيم نه ٺهيو آهي، سپريم ڪورٽ جي پهرين ترجيح پاڻي جي مسئلي جو حل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بحريا ٽائون ڪيس: فيصلي تي هن سال ئي عمل ڪرايو ويندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون جي رهواسين کي هر صورت ۾ تحفظ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے