17 ہفتہ , نومبر 2018

طيبه تشدد ڪيس: جوابدارن جي اپيلن تي هڪ هفتي ۾ فيصلو ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ننڍي عمر جي گهريلو ملازمه طيبا تشدد ڪيس ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار حڪم ڏنو آهي ته هاءِ ڪورٽ هڪ هفتي ۾ جوابدارن جي اپيلن تي فيصلو ڪري، ٻارڙن جي حقن جي حفاظت ٿيڻ گهرجي، قانون ٺاهڻ جي ضرورت ناهي، اڳ ئي موجود آهي. ننڍي عمر جي گهريلو ملازمه طيبا تشدد ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ڪئي. ايڊووڪيٽ جنرل موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن کي سزائون ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته فيصلي خلاف اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو، اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ پارليامينٽ کي قانونسازي ڪرڻي هئي پر في الحال پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو ڪري چڪي آهي ۽ هونئن به قانون ٺاهڻ جي ضرورت ناهي اڳ ئي موجود آهي. چيف جسٽس حڪم ڏنو ته هڪ هفتي اندر جوابدارن جي اپيلن تي فيصلو ڪيو وڃي. عدالت چيو ته ٻارڙن جي حقن جي حفاظت بابت وفاقي حڪومت جواب ڏي ۽ ان بابت قانون جو ٻيهر نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے