13 منگل , نومبر 2018

نيوز | ڏهرڪي: ڳوٺاڻن جو بااثرن پاران زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

ڏھرڪي ويجھو ڳوٺ حاجي ملڪ جي رھواسين  بااثرن پاران سندن زمين تي مبينا قبضي  خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺاڻن بشيراحمد ملڪ، نذير احمد ملڪ، امداد ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ معصوم ٻارڙن سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا آڏو داهيندي چيو تھ  تي جي مهر برادري جي بااثر وڏيرن هنن جي  8 ايڪڙ  سروي زمين تي مبينا قبضو  ڪري ورتو آهي.

هنن چيو تھ ديھه شھباز پور ويجهو  ڳوٺ حاجي ملڪ  ۾ 12 سال اڳ 9 ايڪڙ زمين خريد ڪئي،  جنهن تي بااثرن هٿياربند ويهاري هنن مٿان تشدد ڪري زمين مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي.

هنن چيو ته مهر برادري جي زيادتين جو  دادلغاري ٿاڻي جي پوليس کي بروقت  اطلاع ڏنو پر پوليس وڏيرن جي ونگار وهندي سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽيس وٺي زمين تي ٿيل مبينا قبضو ختم ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: خيرپور: “سي پيڪ ڇا آهي” جي عنوان سان اين ايل سي ۾ سيمنار

خيرپور ۾ سي پيڪ ڇا آهي جي عنوان سان اين ايل سي ۾ سيمنار ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے