17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز |قمبر: پنجين درجي جي شاگرد سان جوابدارن پاران زيادتي جي ڪوشش

قمبر  ويجهو پنجين درجي جي شاگرد سان جوابدارن پاران زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي، رڙين تي کيس مال چاريندڙ  ڌنارن بچائي ورتو.

ڳوٺ هيٺيان بوهڙ ۾ پنجي درجي جي شاگرد ساجد مغيري سان جوابدارن  ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي، نينگر جي رڙين تي ڌنارن کيس بچايو.

نينگر جي وارثن  غلام سرور مغيري ، محمد وارث، محمد رکيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ کاهي پوليس ٿاڻي تي فرياد ڪئي پر پوليس هڪ عيوضي کي وٺي آئي آهي.

هنن چيو تھ   پوليس مک جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي  کين گرفتار نھ پئي ڪري.

سندس چوڻ  هو تھ جوابدار ڌر ڪيس تان هٿ کڻن لاءِ ڌمڪيون ڏئي پئي.

احتجاج ڪندڙن  آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجھ کان مطالبو ڪيو تھ  معاملي جو نوٽِس وٺي  جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي…

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڏھرڪي: ضلعي ڪائونسل جي ميمبر ڪلين سٽي پروگرام شروع ڪري ڇڏيو

ڏھرڪي ۾ ٽائون ڪاميٽي پاران شھر اندر صفائي نھ ڪرائڻ بعد ضلعي ڪائونسل جي ميمبر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے