20 منگل , نومبر 2018

ريحام خان جي ڪتاب لاءِ شهباز شريف کان رقم وٺڻ ۽ مريم نواز سان ملاقات جي ترديد

Taking Money from Shahbaz Sharif for Reham Khan's Books and Ancestors with Maryam Nawazاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سماجي ڪارڪن ۽ اڳوڻي صحافي ريحام خان پنهنجي ڪتاب لکڻ لاءِ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف کان ڪا به رقم وٺڻ ۽ ان کان يا اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز سان ملاقات جي ترديد ڪري ڇڏي ۽ چيو ته هو الزام لڳائيندڙن خلاف عدالت ۾ ويندي. ان سان گڏ ئي هن چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل پڻ  ڪئي آهي. نجي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ ريحام خان چيو ته هن ڪتاب لکڻ لاءِ شهباز شريف کان نه ڪا رقم ورتي آهي ۽ نه ئي وري ڪڏهن شهباز شريف يا مريم نواز شان ملاقات ٿي،  الزام هڻندڙن جي خلاف عدالت وينديس. هن چيو ته اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته آخرڪار پي ٽي آءِ کي سندس ڪتاب کان ڇو ڊنل آهي؟  ريحام خان پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ پنهنجي اڳوڻي مڙس عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته هو آئين جي آرٽيڪل 62 تي پورو نٿو لهي، هن پنهنجي نڪاح کي لڪائي ٻه مهينا ڪوڙ ڳالهايو. ان سان گڏوگڏ ئي هن چيو ته جيڪو شخص نگران وڏي وزير جو نالو نه ڏئي سگهيو اهو ملڪ ڇا هلائيندو؟ پنهنجي ڪتاب کي شايع ڪرڻ  بابت ريحام خان چيو ته سندس ڪتاب سان الڪيشن کي ڪهڙو خطرو؟ جيڪا تاريخ بهتر لڳي ان وقت ڪتاب منظرعام تي اچي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے