21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: چمبڙ: ميراکوري شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو زنجيرن جو ماتم ڪري احتجاج

Chambar: Protestants of protesters against water coats in the Mediterranean branch* چمبڙ ۾ ميراکوري شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن زنجيرن جو ماتم ڪري انوکو احتجاج ڪيو

آبادگارن ارباب،  مبارڪ ، عباس رستماڻي، مظھر لنڊ، ستار لنڊ، خدابخش ۽ جي اڳواڻي ۾ ٿاڻي آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو

ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته آبپاشي عملدارن جي ملي ڀڳت سان منڍ جا زميندار ميراکوري شاخ جو پاڻي چوري ڪري پنهنجو زمينون آباد ڪري رهيا آهن

هنن چيو ته ڪيترن ئي مهينن کان پاڻي فراهمي بحال نه ٿيڻ ڪري هزارين ايڪڙ زرخيز زخمين سڪي ٺوٺ ٿي رهي آهي

سندن چوڻ هو ته پاڻي جي کوٽ سبب چوپايو مال اُڃ وگهي مري رهيو آهي، جڏهن ته رهواسي ڏورانهن علائقن ۾ پاڻي ڀري واپرائن ٿا

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته هو ڪيتري عرص کان پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪن پيا پر ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي

هنن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ لاءِ ايندڙ ڀوتارن جي رستا روڪ ڪئي ويندي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے