16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: ڀٽ شاهه : مٽياري ۾هڪ قومي ۽ ٻن صوبائي اسيمبلين جي تڪن لاءِ نامزدگي فارم وصول

bhit Shah: Matiari received a nominated form for national and provincial assemblies* مٽياري ۾ هڪ قومي ۽ ٻن صوبائي اسيمبلين جي تڪن جي سيٽن لاءِ اميدوارن پاران نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا.

مٽياري، هالا، سعيد آباد، ڀٽ شاهه تڪن تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اميدوارن اليڪشن ڪميشن پهچي آر او آفيس مان فارم  وصول ڪيا .

مخدوم جميل الزامان ،شگفته جماڻي ، مخدوم فضل، سيد شاهه محمد شاهه، حافظ لطف الله ڀٽو، ايڊوڪيٽ پيرل مجيداڻو ۽ ٻين فارم وصول ڪيا.

ٻئي طرف عبدالرزاق ميمڻ ، مخدوم محبوب الزمان، نظير احمد  راهو، سيد جاني شاهه حسيني ،سيد شهاب الدين شاهه حسيني ،سيد گدا حسين شاهه ، نصير ميمڻ ، سيد علي حسين ڄاموٽ ۽ ٻين به فارم ورتا.

هوڏانهن مخدوم رفيق الزمان، مخدوم فخرالزمان، بئريسٽر سيد ياسر حسين شاهه ، مخدوم سعيد الزمان ، مخدوم عمار ، سيد فرمان  علي شاهه، گل شير ساريو ۽ ٻين به فارم وصول ڪيا.

25 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ منظر بشير، سرفراز خاصخيلي، حضوربخش خاصخيلي، جلال شاهه ڄاموٽ، سيد مير ڪاظم شاهه، محمد صديق جهيجو،عبدالجبار ميمڻ ،نويد سمون سميت ٻين نامزدگي فارم وصول ڪيا.

فارم وصول ڪندڙ اميدوارن ۾ پيپلزپارٽي، ن ليگ ، جي ڊي اي ،متحده مجلس عمل، فنڪشنل ليگ، پ پ شهيد ڀٽو گروپ ۽ آزاد اميدوار شامل آهن…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:حيدرآباد: رڪشا ڊرائيورن جو پارڪنگ في وٺڻ خلاف احتجاج

*حيدرآباد ۾  اسريٰ يونيورسٽي سامهون رڪشا بيهاريندڙ ڊرائيورن کانئن زبردستي پارڪنگ في وٺڻ خلاف حيدرآباد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے