19 پیر , نومبر 2018

سانگهڙ ۾ تيز رفتاري سبب ڪار مٺڙائو ڪئنال ۾ ڪري پئي، هڪ خاندان جا 6 ڄڻا ٻڏي فوت

سانگهڙ(رپورٽ : مرتضيٰ منگي) سانگهڙ ويجهو هانءُ ڏاريندڙ واقعو، ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جي انچارج ڳوٺ حسين بخش راڄڙ ۾ گهروارن کي گهمائڻ بعد واپس ڊيوٽي تي ويندڙ ڪيلاش ڪمار ۽ زال ۽ چار ٻارڙن سان گڏ وڃي رهيو هو ته گاڏي نمبر جي يو 211 اسلام آباد هائليڪس تيزرفتاري سبب ڪنٽرول کان نڪري وڃي مٺڙائو ڪئنال واهه ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، ٽي بي انچارج ڪيلاش ڪمار گهرواري سميت ٻن پُٽن پرديپ ڪمار ۽ جيوت ڪمار، ٻن نياڻين پوجا ۽ روزينا ڪماري شامل آهن، جنهن بعد پيرومل پوليس پهچڻ تي ڳوٺاڻن ۽ پوليس گڏجي لاش ڪڍرايا، ڪو به ضلعي انتظاميا جو عملدار نه پهتو نه ئي سياسي ۽ سماجي ماڻهن کي معصومن جا لاش ڏسي رحم آيو، گاڏي کي ٽريڪٽر ذريعي ٻاهر ڪڍيو ويو، 2 ڪلاڪ بعد ايمبولينس آنديون ويون، جنهن بعد سول اسپتال سانگهڙ لاش آندا ويا، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ڳوٺ حسين بخش راڄڙ نيا ويا، لاش  ڳوٺ پهچڻ تي وارثن ۾روڄ راڙو ڳوٺ ۾ سوڳ جو ماحول ٿي ويو

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے