22 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: لکي غلام شاهه: دادو ڪئنال ۾ ٻه ڀائر وهنجندي ٻڏي فوت، لاش هٿ نه اچي سگهيا

lakhi Ghulam Shah: Dadu Canal vhnjndy gets two brothers died, the body could not recover * لکي غلام شاهه ڀرسان دادو ڪئنال ۾ ٻه سڳا ڀائر ٻڏي فوت ٿي ويا، ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ به لاش هٿ نه اچي سگهيا آهن

يارهين درجي جو شاگرد تنوير احمد ۽ ڏهين درجي جو شاگرد شعيب احمد ابڙو گرمي سبب وهنجندي ڪئنال ۾ لڙهي ويا

واقعي جو فوري طور اطلاع آبپاشي علمدارن ۽ ضلعي انتظاميا کي ڏنو ويو پر ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ به امدادي ٽيمون ناهن پهتيون

ٻڏي ويل نينگرن جي وارثن جو چوڻ آهي ته مقامي ٽوٻن جي مدد سان ڳولا ڪئي پئي وڃي، جڏهن انجنيئر پاران گيٽ نه کولڻ جي ڪري سخت ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن

متاثرن اختيارين کان گهر ڪئي ته آبپاشي کاتي جي انجنيئر خلاف ڪيس داخل ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : ننگرپارڪر: 12 ربيع الاول عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

پوري دنيا جيان 12 ربيع اول جي مناسبت سان آقا جي آمد مرحبا جي گونج  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے