21 بدھ , نومبر 2018

مستونگ ۾ ايف سي چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي حملو، 3 اهلڪار شهيد

مستونگ (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي حملو، 3 اهلڪار شهيد، رپورٽ موجب مستونگ جي علائقي کڏ ڪوچا ۾ ايف سي چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي حملي ۾ 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، ليويز ذريعن موجب چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ ٻن آپگهاتي حملي آوورن مان هڪ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جڏهن ته هڪ کي اهلڪارن فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو، جڏهن ته حملي ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن ۾ منير جان، احمد جان ۽ پرويز شامل آهن، ٻئي پاسي سيڪيورٽي ادارن پاران علائقي کي گهيري هيٺ آندو ويو، جاچ هلندڙ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آشيانه اقبال اسڪينڊل: نيب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير خلاف ريفرنس تيار ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ ) نيب آشيانا اقبال اسڪينڊل ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے