14 بدھ , نومبر 2018

جسٽس رٽائرڊ دوست محمد خان ڪي پي جو نگران وڏو وزير مقرر

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن جسٽس رٽائرڊ دوست محمد خان کي ڪي پي جو نئون وڏو وزير مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ نگران وڏي وزير تي اتفاق نه ٿيڻ کانپوءِ معاملو اليڪشن ڪميشن حوالي ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن جي ايڊيشنل سيڪريٽري ايڊمن ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته  جسٽس رٽائرڊ دوست محمد خان کي ڪي پي جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته آئين تحت نگران وڏي وزير لاءِ اسپيڪر 4 نالا موڪليا هئا.  سندس چوڻ هو ته جسٽس رٽائرڊ دوست محمد خان کي نگران وڏو وزير مقرر ڪرڻ جو فيصلو اتفاق سان ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايف آءِ اي جي سادي سوالنامي جو جواب ڏيندس: خالد مقبول صديقي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے