13 منگل , نومبر 2018

پاڪستان ليڊز ٽيسٽ ۾ مايوس ڪيو، نوجوانن کي اڳوڻن ڪرڪيٽرن کان سکڻ گهرجي: سعيد اجمل

Youth should learn from past cricketers: Saeed Ajmalلاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي آف اسپنر سعيد اجمل هڊنگلي ٽيسٽ ۾ پاڪستان ٽيم جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان لاءِ 35 ٽيسٽ ميچن ۾ 178 وڪيٽون حاصل ڪندڙ سعيد اجمل چيو آهي ته اسانجا رانديگر اهو ڄاڻن ٿا ته انهن کان ڪٿي غلطي ٿي آهي، ليڊز ۾ سندن ڪارڪردگي انتهائي خراب هئي، هو بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن پيا. رانديگرن کي مستقبل ۾ بهتري لاءِ اڳوڻن ڪرڪيٽرن سان صلاح مشورو ڪرڻ گهرجي، قومي ٽيم وٽ ڪيترائي اڳوڻا ڪرڪيٽر موجود آهن جيڪي سندن رهنمائي ڪري سگهن ٿا، ان لاءِ پهرين رانديگرن کي پنهنجي ترجيحي بنياد طئي ڪرڻي پوندي. سمورا اڳوڻا ڪرڪيٽرن کين مشورو ڏيڻ لاءِ تيار آهن، ليڊز ۾ ناڪامي تي ڪپتان سرفراز احمد ۽ ڪوچ مڪي آرٿر ٻنهي اننگزن ۾ قومي ٽيم جي بيٽنگ تي تنقيد ڪئي هئي. سعيد اجمل چيو ته هاڻي سموريون ڳالهيون ٻي اننگز ۾ بيٽنگ لائن جي ناڪامي تي ٿي رهيون آهن، منهنجي خيال ۾ پهرين اننگز تي به ڳالهايو وڃي جيڪا تمام گهڻي خراب هئي ۽ ان اسان جي ٽيم کي نقصان پهچايو، نوجوان ليگ اسپنر شاداب خان ڪارڪردگي جي حوالي سان هن چيو ته ٽاپ ڪلاس اسپنر ان تي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي ته ٻيا رانديگر ڇا ڪري رهيا آهن، پر سندس سمورو ڌيان پنهنجي ذميداري تي هئڻ گهرجي. اڳوڻي آف اسپنر چيو ته ڪوچ جو چوڻ هو ته حسن علي جي ڊراپ ڪيچ کان اڳ شاداب بهترين بالنگ ڪئي هئي، منهنجي خيال ۾ توهان مخالف بيٽسمين جي خامين مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. ٻئي پاسي اڳوڻي بيٽسمين محمد يوسف ڊيبيو ڪندڙ مڊل آرڊر بيٽسمين عثمان صلاح الدين جي طرفان ٻي اننگز ۾ مزاحمتي 33 رنسن جي تعريف ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئي سي سي ون ڊي رينڪنگ: پاڪستان  پنجين نمبر تي اچي ويو

دبئي(اسپورٽس نيوز)آئي سي سي جي ون ڊي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي ٽيم پهرين ۽ پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے