16 جمعہ , نومبر 2018

ورات ڪوهلي جي ٽوئيٽ بعد ڀارت ۾ فٽبال ميچ جو سموريون ٽڪيٽون وڪرو

After Virtual Kohli's twist, sell all the tickets to football matches in Indiaنئي دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ورات ڪوهلي جي ٽوئيٽ بعد ڪينيا سان ميچ لاءِ سموريون ٽڪيٽون وڪرو ٿي ويون. ڀارتي فٽبال ڪپتان سنيل چيتري جي جذباتي اپيل ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ورات ڪوهلي جي حمايت بعد ڪينيا سان ميچ لاءِ سموريون ٽڪيٽون وڪرو ٿي ويون. ممبئي جي فٽبال ارينيا جي 15 هزار سيٽون ڀريل هيون ، هڪ شوقين ته هن انٽرڪانٽينينٽل ڪپ ميچ جون هڪ هزار خريد ڪري ورتيون. ياد رهي ته گذريل هفتي تائيوان سان ڀارت جي فٽبال ميچ ۾ 2 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهن اسٽيڊيم جو رخ ڪيو هيو، جنهن سنيل ڇتري جذباتي ويڊيو پيغام ۾ ماڻهن کي چيو هو ته هو انٽرنيٽ ڳالهيون ڪرڻ بجائي اسٽيڊيم اچن ۽ کين جيڪو ڪجهه چوڻو آهي اهو منهن تي چون جنهن بعد ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ڪوهلي ۽ عظيم بيٽسمين سچن ٽنڊولڪر پڻ مداحن کي ملڪي فٽبال ٽيم جي سپورٽ ڪرڻ جي درخواست پڻ ڪئي هئي. ياد رهي ته ڀارت ۾ هن وقت انٽر ڪانٽينينٽل ڪپ جاري آهي جنهن ۾ ڀارت، تائيوان، ڪينيا ۽ نيوزيلينڊ  جون فٽبال ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي، پي ايس ايل جي ٽائٽل اسپانسر جو باقاعده اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ  (پي ايس ايل) جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے