20 منگل , نومبر 2018

عمران خان کي ڪير نه ٿو سڃاڻي، عورتون ريحام خان جي مدد ڪن: عائشه گلالئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف گلالئي جي سربراهه عائشه گلالئي چيو آهي ته عمران خان کي ريحام خان جي ڪتاب سان بي نقاب ٿيڻ جو خوف آهي، پي ٽي آءِ  سربراهه کي ڪير نه ٿو سڃاڻي، پاڪستاني عورتون ريحام خان جي مدد ڪن. اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عائشه گلالئي چيو ته عمران خان اخلاقي زوال جو شڪار آهي، ريحام خان کي ڌمڪين جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته وزيراعظم ۽ وڏي وزير جا اميدوار عورتن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ليڊر ملڪ ۾ طلالن جو رواج وجهي رهيو آهي، منهنجي معاملي  ۾ عمران خان ڪميٽي کان فرار جو رستو اختيار ڪيو. عائشه گلالئي چيو ته عمران خان اخلاقي ۽ مالي ڪرپشن ۾ ملوث آهي، جاويد مياندان پنهنجي ڪتاب ۾ چيو ته عمران خان پئسن تي هلندڙ ميٽر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے