17 ہفتہ , نومبر 2018

آءِ سي سي جي نئين ٽيسٽ رينڪنگ، پاڪستان ستين نمبر تي بيٺل

ICC Taste Tennis Rankings, Banned at Pakistan Stadium دبئي(اسپورٽس نيوز) ٽيسٽ رينڪنگ ۾ گرين شرٽس ٻيهر ستين پوزيشن تي اچي وئي ۽ انگلش ٽيم جي خلاف برابر جي نتيجي تي مليل هڪ پوائنٽ ڪنهن ڪم نه آيو. پاڪستان وٽ انگلينڊ خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سريز ۾ وائٽ واش ڪرڻ سان ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پنجين پوزيشن حاصل ڪرڻ جو بهترين موقعو موجود هو. پر ليڊز ۾ شڪست ملڻ سبب قومي ٽيم ٻيهر ستين پوزيشن تي هلي وئي. سريز برابر هئڻ سبب انگلينڊ کي هڪ پوائنٽ جي خساري کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن ته گرين شرٽس کي هڪ پوائنٽ مليو، پر ٻنهي ٽيمن جي سريز کان اڳ جي ترتيبوار پنجين ۽ ستين پوزيشن ۾ ڪو به فرق نه آيو. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل نئين رينڪنگ ۾ ليڊز ٽيسٽ ۾ ناڪام بيٽنگ لائن سبب پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سينيئر بيٽسمين اظهر علي 4 درجا وڃائڻ بعد 15 هين نمبر تي پهچي ويو، 6 درجا وڃائيندي مڊل آرڊر بيٽسمين اسد شفيق 31 پوزيشن تي هليوويو، اهڙي طرح ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ 56 رنسن جي اننگز کيڏندڙ شاداب خان هڪ ئي ڌڪ سان 22 درجن جي بهتري سان 108 هن نمبر تي پهچي ويو، 34 هين رنسون ٺاهيندڙ اوپنر امام الحق بنگلاديشي مصدق حسين سان گڏيل طور 118 هين پوزيشن تي موجود آهي.زخمي هئڻ سبب سريز ۾ شرڪت نه ڪندڙ ليگ اسپنر ياسر شاهه بالرن ۾ لاڳيتو 18 هين پوزيشن تي هاءِ رينڪ پاڪستاني بالر آهي، محمد عباس 20 هين ۽ محمد عامر 32 هين نمبر تي موجود آهن. شاداب خان بالنگ ۾ 3 درجا ترقي ماڻي جنهن بعد هو 93 هين نمبر تي پهچي ويو، بيٽنگ چارٽ تي 38 درجا وڃائيندڙ فهيم اشرف بالنگ ۾ 18 درجا بهتري حاصل ڪري 98 هين نمبر تي سريلنڪن مالنڊا پشپا ڪمارا سان گڏيل طور تي پنهنجي پوزيشن شيئر ڪئي. بالرن ۾ جيمز اينڊروسن ٽاپ تي موجود آهي، ڪاگيسو ربادا پنهنجو فاصلو گهٽ ڪري ورتو، اسٽورٽ بروڊ 2 درجا بهتري بعد هاڻي ٻي پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

India vs Ireland, Highlights ICC Women's World T20: India Beat Ireland To Reach Semi-Finals

وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي: آسٽريليا جو ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جو آئرلينڊ سان مقابلو

 پروويڊنس (ويب ڊيسڪ )  آءِ سي سي وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ڪپ ۾ اڄ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے