17 ہفتہ , نومبر 2018

ريحام خان کي پئسو ۽ طاقت حاصل ڪرڻ جي جلدي هئي: عون

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي اڳوڻي گهر واري ريحام خان طرفان ڪتاب شايع ڪرڻ جي اعلان بعد سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو پئجي ويو آهي، انڪشافن، دعوائن ۽ تبصرن جو سلسلو جاري آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عون چوڌري لکيو ته ريحام خان پنهنجي ڪتاب ۾ غلط الزام هڻندي جيڪا گندگي پکيڙي مان محسوس ڪيان ٿو ته ريحام خان جا دوکا عوام سامهون آڻڻ جو وقت اچي ويو آهي جيڪي ماڻ پاڻ ڏٺا آهن.  هن چيو ته پئسي ۽ طاقت لاءِ سندس اڃ نه ختم ٿيندڙ هئي ۽ هوءَ اهي ٻئي شيون حاصل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي تڪڙي ڪري رهي هئي. سندس چوڻ هو ته مان ريحام خان کي عليم خان کان فلم لاءِ هڪ ڪروڙ رپيه گهرندي پاڻ ڏٺو. عون چوڌري چيو ته ريحام خان هڪ پارليامينٽرينز سان رابطو ڪي پنهنجي فلم لاءِ لکين رپين جو فرنيچر قرض ورتو پر اهو ڪڏهن واپس نه ڪيو اهو بس گم ٿي ويو. هن چيو ته ريحام خان سان گڏ رڳو اهو ڄاڻڻ لاءِ ڪراچي ويس ته هن پئسا گهرڻ لاءِ شوڪت خانم ميموريل اسپتال جي ڊونر سان ملاقات ڪئي جيڪا هڪ وڏي ڪاروباري شخصيت آهي. سندس چوڻ هو ته ريحام خان ڪي پي جي معاملن ۾ مداخلت جي خواهشمند هئي ۽ منهنجي اکين سامهون هن سيف سٽي پروجيڪٽ لاءِ هڪ پرڏيهي ڪمپني سان ڊيل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ 20 لک ڊالر ڪميشن طلب ڪئي. عون چوڌري چيو ته هي اهو وقت هو جڏهن مان سڀ ڪجهه عمران خان کي ٻڌائڻ تي مجبور ٿي ويس هوءَ ڇا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته عمران خان حقيقت خبر پوڻ تي فوري ريحام خان جي سمورين اسڪيمن کي روڪي ڇڏيو جنهن تي هوءَ شديد ڪاوڙ ۾ اچي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چيف جسٽس پنجاب هيلٿ ڪيئر بورڊ آف ڪميشن کي ختم ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنجاب هيلٿ ڪيئر بورڊ ڪيمشن کي ختم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے