20 منگل , نومبر 2018

ڀارتي هوائي فوج جو جنگي جهاز ڪري تباهه، پائلٽ فوت

The Indian Navy Air Force war destroyed and pilot diedنئي دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي هوائي فوج جو جنگي جهاز اُڏام دوران ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ پائلٽ ايئرڪموڊر سنجي چوهاڻ فوت ٿي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارتي هوائي فوج جي جيگوار فائٽر جيٽ جهاز  اُڏام دوران ڪڇ  واري علائقي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو. حادثي ۾ پائلٽ ايئرڪموڊور سنجي چوهاڻ فوت ٿي ويو. جڏهن ته اڃان تائين جهاز جي تباهه ٿيڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي، ڀارتي هوائي فوج حادثي جا سبب ڄاڻن لاءِ هڪ چاج ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي هوائي فوج جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ايئر ڪموڊور سنجي چوهاڻ جامنگر ايئربيس معمول جي مشق لاءِ اُڏام  ڀري ته ڪڇ واري علائقي مندرا ۾ جهاز ڪري تباهه ٿي ويو. ائير ڪموڊور سنجي چوهاڻ ان حادثي ۾ سخت زخمي ٿي پيو جيڪو علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. جاچ ڪميٽي جي رپورٽ اچڻ تائين حادثي جي حوالي سان ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو. ياد رهي ته هلندڙ سال ڀارتي هوائي فوج جو جهاز ڪري تباهه ٿيڻ جو هي چوٿون واقعو آهي، ان کان اڳ مارچ ۾ ڀارتي هوائي فوج جو هڪ جهاز آسام ۽ هڪ ڪشمير واري علائقي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 پائلٽ ٿڏي ته ئي فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته اپريل ۾ اتر کنڊ واري علائقي ۾ جهاز ايم آءِ 17 ڪري تباهه ٿي ويو هيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب خاشقجي جي قتل بابت سي آءِ اي جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب صحافي جمال خاشقجي بابت سي آءِ اي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے