20 منگل , نومبر 2018

اداڪار پاريش راول ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جو ڪردار ادا ڪندو

Actor Parish Rawol will play the role of Prime Minister Narendra Modiممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ انڊسٽري جي سينيئر اداڪار پاريش راول ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جو ڪردار ادا ڪندو. ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ پنهنجي 30 ورهين جي فلمي ڪيريئر دوران ڪيترن ئي بلاڪ باسٽر فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي، ۽ هاڻ جو تمام جلد ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو. پاريش راول جلد ريليز ٿيندڙ فلم”سنجو“ ۾ پڻ نظر ايندو جنهن ۾ جو سنجي دت جي والد سنيل دت جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. جڏهن پاريش راول موجب هو فلم سنجو سان گڏوگڏ هڪ وڌيڪ انتهائي مشڪل ڪردار کي جلد ادا ڪندو جيڪو ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو ڪردار هوندو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي وزيراعظم جي حياتي تي ٺهندڙ فلم جو اعلان گذريل سال ڪيو ويو هو، جنهن بعد هاڻ آخرڪار پاريش راول فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ جي حامي ڀري ورتي آهي.  ان حوالي سان ادڪار پاريش راول چيو آهي ته فلم جو اسڪرپٽ تي ڪم جاري آهي، ۽ اميد آهي ته اهو جلد مڪمل ٿي ويندو، فلم جي شوٽنگ جي شروعات هلندڙ سال سپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ ٿيندي. ياد رهي ته پاريش راول لوڪ سڀا ۾ ڀارتي جنتا پارٽي( بي جي پي) جي ميمبر پڻ آهي، هن پنهنجي انٽرويو ۾ نريندر مودي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان ٻڌايو هو ته اهو ڪردار سندس لاءِ وڏو چلينج هوندو. رپورٽن موجب پاريش راول هن فلم کي پروڊيوس پڻ ڪندو.گذريل سال نريندر مودي جي حياتي تي ٺهندڙ فلم جو اعلان بعد باليووڊ کلاڙي اڪشي ڪمار جو نالو ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سامهون آيو هو. اڪشي ڪمار سان گڏ فلم ۾ نريندر مودي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آفر انوپم کير کي پڻ ڪئي وئي هئي، پر هاڻ پاريش راول اها تصديق ڪري ڇڏي آهي ته هو وڏي اسڪرين تي نريندر مودي جو ڪردار ادا ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جان ابراهم رنوير ۽ دپيڪا جي شادي تي ڳالهائڻ کي فضول سمجهي ٿو…!

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪار جان ابراهيم بالي ووڊ جي جوڙي دپيڪا پڊڪون ۽ رنوير سنگھه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے