16 جمعہ , نومبر 2018

شهباز شريف جي گهر جي وڊيو ٺاهي ڏني وڃي: چيف جسٽس جي هدايت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ لگزري گاڏين جي استعمال بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران شهباز شريف جي رهائشگاهه جي وڊيو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.  سپريم ڪورٽ ۾ لگزري گاڏين جي استعمال بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ميان ثاقب نثار کي ڪيس جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪهڙي قانون تحت شهباز شريف کي بلٽ پروف گاڏي فراهم ڪئي وئي، چيف سيڪريٽري جواب ڏنو ته شهباز شريف کي سڪيورٽي خدشا آهن. چيف جسٽس اسان کي ٻڌايو ته ڪهڙي هنڌ لکيل آهي ته سڪيورٽي خدشن تي بلٽ پروف گاڏي ڏني ويندي آهي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته شهباز شريف جي ماڊل ٽائون ۾ رهائشگاهه ٻاهران ٻارڙن لاءِ کيڏڻ جي پارڪ واري هنڌ مورچا قائم ڪيا ويا آهن.  چيف سيڪريٽري چيو ته پارڪ جي جاءِ هاڻي پارڪنگ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي ۽ مورچا ۽ رنڊڪون هٽايون ويون آهن. چيف جسٽس چيو ته مون کي شهباز شريف جي ماڊل ٽائون جي رهائشگاهه جي ٻاهران جي وڊيو ٺاهي ڏني وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے