15 جمعرات , نومبر 2018

پاڪستان ريلوي جو عيدالطفر تي 5 اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو فيصلو

The decision to run 5 special train on the eve of Pakistan Railwaysلاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي عيد الفطر جي موقعي ته 5 اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستان ريلوي عيدالفطر جي پُرمسرت موقعي ته ڏورانهن علائقن رهواسين جي گهرن جي واپسي کي آسان بڻائڻ  لاءِ اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ريلوي اختيارين موجب عيد الفطر تي 5 اسپيشل ٽرينون ڪوئٽا سميت پوري ملڪ ۾ هلايون وينديون، جنهن جي شيڊول جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر پاڪستان ريلوي آفتاب اڪبر پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ريلوي اختيارين موجب پهرين عيد اسپيشل ٽرين 12 جون تي ڪراچي کان 11 وڳي رواني ٿيندي، جيڪا ٻئي ڏينهن رات جو 10 لڳي 30 منٽن تي پشاور ڪينٽ پهچندي. ٻي ٽرين ڪوئيٽا کان 12 جون تي ڏينهن جو 11 لڳي 30 منٽن تي رواني ٿيندي ۽ ٻئي ڏينهن لاهور واري رستي کان ٿيندي رات جو 8 وڳي روالپنڊي پهچندي. ٽئين ٽرين 13 جون تي صبح جو 11 هين وڳي ڪراچي ڪينٽ کان رواني ٿي ٻئي ڏينهن فيصل آباد کان ٿيندي صبح جو 10 هين وڳي لاهور پهچندي. چوٿين ٽرين 14 جون تي روالپنڊي مان رات صبح 7 وڳين رواني ٿي بکر واري رستي کان ٿيندي ساڳي ئي ڏينهن 10 لڳي 30 منٽن تي ملتان پهچندي. ۽ پنجين عيد اسپيشل ٽرين 19 جون تي ملتان ڪينٽ کان صبح 7 وڳي رواني ٿيندي جيڪا ميانوالي واري رستي کان ٿيندي ساڳي ڏينهن تي روالپنڊي رات 10 لڳي 15 منٽن تي پهچندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

متروڪه وقف املاڪ بورڊ جو چيئرمين اقليت مان لڳائڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ حڪومت کي متروڪه وقف املاڪ بورڊ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے