14 بدھ , نومبر 2018

تڪراري انٽرويو: پي سي بيءَ  محمد حفيظ جي وضاحت بعد معاملو ختم ڪري ڇڏيو

Talakari Interview: After the explanation of PCB, after expanding the case, the deals have endedلاهور(اسپورٽس نيوز) پي سي بيءَ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ جي تڪراري انٽرويو تي ڪرڪيٽر جي وضاحت بعد معاملو  اڪلائي ڇڏيو. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀلوڙ آل رائونڊر ۽ اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏنو هو  جنهن ۾ هن شڪي بالنگ ايڪشن بابت آءِ سي سي جي قانون کي ٻٽي پاليسي قرار ڏيندي ان مٿان سخت تنقيد ڪئي هئي، جنهن تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کيس شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪيو هو جنهن جي حوالي سان کيس پي سي بيءَ هيڊڪوارٽر پڻ طلب ڪيو ويو هو. نجي ٽي وي چينل موجب محمد حفيظ تڪراري انٽرويو واري معاملي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي هارون رشيد، سلمان نصير ۽ امجد ڀٽي تي ٻڌل ٽي رڪني ڪميٽي اڳيان پيش ٿيو. پي سي بيءَ جي ترجمان موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ محمد حفيظ جي وضاحت قبول ڪندي معاملو ختم ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ ڪميٽي ۾ پيشي واري موقعي ته چيو ته سندس مقصد آءِ سي سي تي تنقيد ڪرڻ نه هو  پر بالنگ ايڪشن ٽيسٽ کي بهتر بڻائڻ جي تجويز ڏني هئي. هن چيو ته ڪرڪيٽ مداحن جا قانون بابت شق ۽ خدشا دور ڪرڻ لاءِ تجويزون ڏنيون هيون،  پر بدقسمتي سان بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشن عالمي ڪپ، ڪاميابيءَ جو نسخو ملڻ تائين بيٽنگ ۾ تجربا ٿيندا : سرفراز احمد

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے