14 بدھ , نومبر 2018

جوز بٽلر کي بيٽ تي گُٿا لفظ استعمال ڪرڻ تان آءِ سي سي ۽ انگلش بورڊ جي ڇنڊ

ICC and England Board's Pond to use words on jose Buttler's bitternessلنڊن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي خلاف ليڊز ٽيسٽ جي هيرو جوز بٽلر کي آءِ سي سي ۽ انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جي طرفان ڇنڊ پٽي وئي آهي ۽ اسڪاٽ لينڊ جي خلاف سريز ۾ بيٽ تان گُٿن لفظن کي هٽائڻ جي هدايت ڪئي آهي. جوز بٽلر پاڪستان جي خلاف سريز ۾ پنهنجي ڪاميابي کي آءِ پي ايل جي اسائنمنٽ قرار ڏنو آهي. بٽلر جو ليڊز ۾ چئن رنسن تي حسن علي شاداب خان جي بالنگ تي ڪيچ ڊراپ ڪيو هو. بٽلر پاڪستان جي خلاف ٻنهي ٽسٽ ميچن ۾ غيرمعمولي بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو هو. سوشل ميڊيا تي اهو معاملو گرم آهي ته جوز بٽلر پاڪستان خلاف سريز ۾ پنهنجي بيٽ تي گُٿا لفظ لکي راند کيڏندو رهيو، ۽ ميچ ريفري جيف ڪرو انهن لفظن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. جوز بٽلر اهڙي حرڪت سبب آءِ سي سي طرفان امڪاني ڪاورائي کي منهن ڏئي سگهي ٿو. ان حوالي سان انگلش بيٽسمين جوز بٽلر چيو ته هو ٽيسٽ ٽيم ۾ بيٽسمين طور آيو هو انڪري پنهنجي اهميت وڌائڻ لاءِ ائين ڪيو. پاڪستان خلاف ليڊز ٽيسٽ ۾ جوزبٽلر ناٽ آئوٽ 80 رنسن جي اننگز کيڏي هئي، جوز بٽلر پاڪستان جي خلاف ٻنهي ميچن ۾ بيٽ جي هينڊل تي گُٿا لفظ لکي بيٽنگ ڪندو رهيو. پر سمارٽ واچ جون ڪهاڻيون ٺاهيندڙ برطانوي ميڊيا جوز بٽلر جي اهڙي حرڪت کي نظرانداز ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئي سي سي ون ڊي رينڪنگ: پاڪستان  پنجين نمبر تي اچي ويو

دبئي(اسپورٽس نيوز)آئي سي سي جي ون ڊي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي ٽيم پهرين ۽ پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے