16 جمعہ , نومبر 2018

منهنجي ڪتاب ۾ هڪ بليڪ بيري جو ذڪر آهي ۽ پي ٽي آءِ ان کان ڊنل آهي: ريحام خان

In my book one bulletin is mentioned by Bari and the PTI is the title: Reham Khanاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي اڳوڻي گهرواريءَ ريحام خان چيو آهي ته سندس ڪتاب ۾ هڪ بليڪ بيري جو ذڪر آهي ۽ تحريڪ انصاف ان کان ڊنل آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيوته ڪوشش آهي ته ڪتاب چونڊن کان اڳ شايع ٿئي، ڪتاب تي” رائيونڊ ڪنڪش“ جو الزام لڳايو ويو آهي ته ثبوت به پيش ڪيا وڃن. ريحام خان چيو ته پي ٽي آءِ جي ترجمان فواد چوڌري جي پريس ڪانفرنس تي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي، ڪنهن کي ڪو به حق ناهي جو وارننگ ڏين. ڪنهن جي به بي عزتي ناهيان ڪري رهي، ها پر اهو پاڻ اهڙيون ڳاليهون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هو ڪنهن جي ڪُلهي تي بندوق رکي ڪتاب ناهي لکي رهي، اي ميل به آهن ۽ ثبوت پڻ موجود آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڳوڻي گهرواريءَ چيو ته هو ان جي ترديد تڏهن ڪندي جڏهن هن ڪو بيان ڏنو هجي، ترديد پي ٽي آءِ کي ڪرڻ گهرجي، هي ڪتاب حمزا عباسيءَ جي سوشل ميڊيا تي موجود آهي اهو ترديد ڪري. ريحام خان اهو پڻ واضح ڪيو ته سندس پٺيان ڪا به مغربي طاقت ۽ سياسي جماعت ناهي، هو ڪنهن جي به عزت سان ناهي کيڏي رهي، هو پاڻ ڳالهيون ڪري رهيا آهن، هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا سمجهي رهيا آهن اها وڏي پارٽي آهي پر هو اهڙو ڪجهه به نٿي سمجهي. عمران خان جي اڳوڻي گهرواريءَ چيو ته  سندس ڪتاب جڏهن شايع ٿي وڃي پوءِ جنهن کي جيڪو چوڻو آهي ته چوي. هن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جا ڪافي ماڻهو ساڻس رابطي ۾ آهن، کوڙ ڇوڪريون آهن جيڪي پاڻ کي پارٽي ۾ غير محفوظ سمجهندي رابطو ڪنديون آهن. رِيحام خان چيو ته ليگل نوٽيس ۾ احسن اقبال جو ڪو به ذڪر ناهي، هن سان ئي ملاقات ناهي ٿي ته مريم نواز سان ڪيئن ٿي سگهي ٿي. رِيحام خان وڌيڪ چيو ته هو ڪنهن ڳالهه کان ڊنل آهن، هو هن چپ ڇو ڪرائي رهيا آهن؟ جيترو ٿي سگهيو هو انهن مافيائن خلاف ويڙهه ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے