18 اتوار , نومبر 2018

حضرت علي عليه السلام جي شهادت جو ڏهاڙو، ٻيلهه سواري تي پابندي

Hazrat Ali's death anniversary, two hundred ransom banڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اميرالمومنين حضرت علي عليه السلام جي شهادت واري ڏهاڙي تي اڄ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه واري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، سڌ سماءَ جي ذريعن موجب سنڌ جي گهرو کاتي پاران اهڙي پابندي جو نوٽفيڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب ايڊشنل آءِ جي ڪراچي ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد جي سفارش تحت سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي پابندي لڳائي وئي آهي، جنهن ۾ عورتون، بزرگ، معذور ۽ 12 ورهين کان گهٽ عمر جا ٻارڙا ۽ صحافي پابندي کان آجا هوندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …