18 اتوار , نومبر 2018

افتخار چوڌري بدسلوڪي ڪيس: پوليس، اڳوڻي انتظاميا جي خلاف سزائن وارو فيصلو برقرار

اIftikhar Chaudhry Abuse Case: Police retaliation against former administrationسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سان بدسلوڪي واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي پوليس ۽ اڳوڻي انتظاميا جي انٽراڪورٽ اپيلن کي رد ڪندي سزا واري فيصلي برقرار رکيو آهي. ياد رهي ته 13 مارچ 2007 تي ان وقت جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي سپريم جوڊيشل ڪونسل جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ گهر کان عدالت ايندي روڪيو ويو هو ۽ ساڻس بدسلوڪي ڪئي وئي هئي، ان دوران کيس وارن کان ڇڪيو ويو ۽ ڌڪا پڻ ڏنا ويا هئا.سپريم ڪورٽ گذريل مهيني 16 مئي تي جوابدارن جي انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو . جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ اڄ افتخار محمد چوڌري بدسلوڪي واري ڪيس جو محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو. پنهنجي فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ اڳوڻي آءِ جي اسلام آباد افتخار احمد ۽ ٻين 7 پوليس آفيسرن جي اپيلون رد ڪندي سزا کي برقرار رکيو. سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد پوليس جوابدارن کي عدالت واري ڪمري مان گرفتار ڪري ورتو، جن ۾ ايس ايس پي موٽر وي جميل هاشمي، ڊي ايس پي رخسا مهدي ۽ ايس ايس پي ڪيپٽن(ر) ظفر شامل آهن. ٻئي پاسي اعليٰ عدالت اسلام آباد جي اڳوڻي چيف ڪمشنر خالد پرويز ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي سزائون پڻ بحال ڪري ڇڏيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے