18 اتوار , نومبر 2018

ايون فيلڊ ريفرنس، شريف خاندان آمدني جا ذريعا ثابت ناهي ڪري سگهيو: نيب پراسيڪيوٽر

Avenue Field Reference: The final reason for the NAB deputy prosecutor continuesاسلام آباد (ويب ڊيسڪ )شريف خاندان جي خلاف احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل حتمي دليل  ڏيندي  چيو ته  شريف ڪٽنب  آمدني جا ذريعا  ثابت  ناهي ڪري  سگهيو .، نواز شريف  گلف اسٽيل  ملز جو مالڪ آهي ، جڏهن ته  قطري  خط به غلط ثابت ٿي ويو . احتساب عدالت جو جج محمد بشير ريفرنس جو ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي ته ريفرنس ۾ نامزد جوابدار نواز شريف عدالت واري ڪمري ۾ ڪجهه دير ويهڻ بعد واپس روانو ٿي ويو. ريفرنس ۾ نامزد ٻين جوابدارن مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر جي طرفان اڄوڪي ٻڌڻي لاءِ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪئي وئي.ريفرنس جي ٻڌڻي دوران وڪيل ظافر خان عدالت کي ٻڌايو ته ڪيپٽن(ر) صفدر چونڊن لاءِ نامزدگي وارو ڪاغذ فارم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ مانسهرا ۾ موجود آهي ان لاءِ  حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي جنهن کي عدالت منظوري ڪري ورتو. ٻڌڻي دوران ڊپٽي پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي اڄ لاڳيتو ٻئي ڏينهن ايون فيلڊ ريفرنس ۾ حتمي دليل ڏيندي چيو ته نواز شريف، مريم نواز، حسن ۽ حسين نواز آمدني جي ذريعا ثابت ناهن ڪري سگهيا جڏهن ته مريم نواز اصل حقيقتون لڪايون. سردار مظفر عباسي چيو ته ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر شاهد طور ٽرسٽ ڊيڊ تي صيحيح ڪئي جڏهن ته جوابدار جاج ايجنسي کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. نيب پراسيڪيوٽر  عدالت ۾ حسين نواز جو بيان پڙهي ٻڌايو  ۽ چيو ته  حسين نواز 1992  ۾ لنڊن پڙهائي لاءِ  ويو ۽ هن پاڻ چيو  ته هو هڪ هاسٽل ۾ رهيو .  نيب پراسيڪيوٽر  چيو ته 1993 ۾ لنڊن فليٽس ۾ منتقل  ٿيو  ۽ ٻيهر  هتي  رهائش پذير  رهيو  جڏهن ته مريم نواز هن پراپرٽي  جي نينيفشل آنر آهي . سردرا مظفر عباسي چيو ته حسني نواز  لنڊن فليٽس جي گرائونڊ رينٽ ۽ يوٽيليٽ بلز ادا ڪندو رهيو  جڏهن ته  هن چيو ته  هو 1994 ۾ لنڊن فليٽ ۾ رهڻ شروع ڪيو . نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته  گلف  اسٽيل ملز جو اصل مالڪ ميان محمد نواز شريف  هو جڏهن ته قطري شهزادي جو خط به غلط ثابت ٿيو .  5 جون  تي ٿيل  گذريل ٻڌڻي تي  ڊپٽي پراسيڪيوٽر  نيب جو چوڻ هو ته  سپريم ڪورٽ  28 مئي  جولائي  جي فيصلي  ۾ نواز شريف  کي نااهل قرار ڏنو ويو  جڏهن ته ريفرنسز  داخل ڪرڻ لاءِ به ڊيڊ لائين ڏني وئي .  سردار مظفر عباسي  چيو ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ 18 شاهدن جا بيان  قلمبند ڪيا ويا  ۽ ڪنهن شاهد  جو نالو فريادي  واپس ناهي  ورتو  جڏهن ته جوابدارن  دفاع پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو  ۽ اهو پاڻ به پنهنجي شاهد  طور تي  پيش نه ٿيو . نيب پراسيڪيوٽر  جو چوڻ هو ته  ثبوت جوابدارن تي آهن ۽ اهي بيگناهي ثابت ڪرڻ ۾  ناڪام  رهيا .

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالف ڌر چاهي ٿي ته اين آر او ملي وڃي پر عمران خان نه ڏيندو: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے