13 منگل , نومبر 2018

اصغرخان ڪيس: سپريم ڪورٽ منهنجو ڪيس ٻڌي، مرزا اسلم بيگ جي چيف جسٽس کي درخواست

Asghar Khan Case: Supreme Court appeals to the Chief Justice of Mirza Aslam Beg, hearing my caseاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اصغر خان ڪيس ۾ اڳوڻي آرمي چيف مرزا اسلم بيگ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. تفصيل موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻي آرمي چيف مرزا اسلم بيگ به عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس ثاقب نثار مرزا اسلم بيگ سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلندو، اڳوڻي آرمي چيف جو ڪيس فوجي عدالت ڏانهن اُماڻي ڇڏيو آهي،  ان تي مرزا اسلم بيگ چيو ته ان وقت جي آرمي چيف سندس ڪيس هلائڻ کان انڪار ڪيو،  درخواست آهي ته منهنجو ڪيس توهان پاڻ ٻڌو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان درخواست ڏيو، اسان جائزو وٺنداسين، اسان اصغر خان ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي لاهور ۾ ڪنداسين توهان اتي پيش ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے