14 بدھ , نومبر 2018

چيف جسٽس جي سريلنڪا ۽ ٿائيلينڊ ۾ قيد پاڪستانين کي وطن واپس آڻڻ جي هدايت

Guidelines for returning Pakistani prisoners back to Chief Justice of Sialinڪا and Thailandاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار سريلنڪا ۽ ٿائيلينڊ ۾ قيد پاڪستانين کي واپس آڻڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي. تفصيل موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار سريلنڪا ۽ ٿائيلنڊ ۾ قيد پاڪستانين واري ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت اڳيان پيش ٿي موقف اختيار ڪيو ته سريلنڪا سان  قيدين جي واپسي لاءِ ڳالهيون جاري آهن،  جڏهن ته ٿائلينڊ 19 قيدين جي منتقلي لاءِ 35 هزار ڊالر گهريا آهن. ان چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته 35 هزار ڊالرن جو انتظام ڪيو ۽ قيدين واپس آڻيو، ٻنهي ملڪن ۾ پاڪستاني قيدي انتهائي خراب حالت ۾ آهن. سپريم ڪورٽ ٻنهي ملڪن ۾ قيد پاڪستاني قيدين کي واپس آڻڻ لاءِ هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے