22 جمعرات , نومبر 2018

خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو

Khyber Pakhtunkhwa Chief Minister took oath of his office پشاور(ويب ڊيسڪ)  خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير دوست محمد خان پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي.رپورٽن مطابق خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير دوست محمد خان پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. نگران خيبرپختوخواهه جي نگران وڏي وزير جي حلف برداري واري تقريب گورنر هائوس پشاور ۾ ٿي جنهن ۾  ڪي پي ڪي جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ سميت سينيئر وڪيلن ۽ سياسي شخصيتن شرڪت ڪئي. جڏهن خيبرپختوخواهه جي گورنر اقبال ظفر جهگڙا جسٽس(ر) دوست محمد کان حلف ورتو. حلف برداري واري تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪي پي ڪي جي نگران وڏي وزير دوست محمد چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ آئين جو مشن ڏنو آهي ان کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. وقت تي چونڊون صاف شفاف طريقي سان ڪرائينداسين، وقت سر ۽ شفاف چونڊون پهرين ترجيح آهي، شفاف چونڊن لاءِ هر هڪ کي موقعو ملڻ گهرجي.نگران وڏي وزير چيو ته سمورين پارٽين کي هڪ جيترو موقعو فراهم ڪيو ويندو، سيڪيورٽي کي يقيني بڻائنداسين، سمورين سياسي پارٽين ۽ اميدوارن کي مناسب سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. جسٽس (ر) دوست محمد چيو ته حڪومت معاملن لاءِ صوبائي ڪابينا ميرٽ جي بنياد تي جوڙي ويندي جيڪا مختصر هوندي، آئين ۽ قانون جي حڪمت عملي واضح ڪنداسين، ڪوشش ڪنداسين ۽ سياسي قيادت کي اعتماد ۾ وٺي ڪم ڪيون، اڳوڻي صوبائي حڪومت بجيٽ پاس نه ڪيو اهو مسئلو پڻ ڏسڻو پوندو، جڏهن ته ڪوشش ڪنداسين ته مختصر حڪومتي دور ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت پئٽرول اگهن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت ايندڙ مهيني عوام کي رليف ڏيڻ جو فيصلو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے