20 منگل , نومبر 2018

سپريم ڪورٽ جو اميدوارن کي نامزدگي فارم سان گڏ حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم

 TranslateTurn off instant translation  سپريم ڪورٽ جو اميدوارن کي نامزدگي فارم سان گڏ حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم    74/5000 Translate from: Sindhi  The order of submitting the oath of honor to the Supreme Court with the nomination form Your contribution will be used to improve translation quality and may be shown to users anonymously About Google TranslateCommunityMobileAbout GooglePrivacy & TermsHelpSend feedbackاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي نامزدگي فارم سان گڏ حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو . سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ لاهور هاءِ ڪورٽ جي نامزدگي فارمن واري فيصلي تي قومي اسمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏيندي چيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ وفاق 7 مهينن تائين معاملي کي ڊيگهه ڏني. اعليٰ عدالت ان حوالي سان 2011 ۾ فيصلو ڏئي چڪي آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته توهان ماڻهو عوام کي اميدوارن جي معلومات ڏيڻ ۾ شرمسار ڇو آهن؟ اسپيڪر شرمائي رهيو آهي ته عوام کي پنهنجن نمائندن بابت ڪا به معلومات نه هجي. چيف جسٽس سوال ڪيو ته اياز صادق ڪا معلومات لڪائڻ چاهي ٿو؟ ان تي اياز صادق جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اياز صادق ڪجهه به نٿو لڪائڻ چاهي، چيف جسٽس چيوته لڪائڻو ئي ناهي ته پوءِ جهيڙو ڪهڙي ڳالهه تي آهي؟ جسٽس ثاقب نثار چيو ته اسان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي پنهنجي سبب سان گڏ برقرار به رکي سگهون ٿا، ڏسڻ چاهيون ٿا ته قومي اسمبلي جو اسپيڪر ڪهڙي معلومات ڏيڻ ۾ شرمساري محسوس ڪري رهيو آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته عدالتي حڪم کي چيلينج ڪرڻ جو اسپيڪر کي ڪهڙا حق حاصل آهن؟ آرٽيڪل 218 جي تحت چونڊون الڪيشن ڪميشن جو ذميواري آهي، ڪاغذن جي نامزدگي وارو معاملو به آرٽيڪل 218 ۾ اچي ٿو. جسٽس ثاقب نثار سوال ڪيو ته اليڪشن ڪميشن جي اختيارين کي گهٽ ڇو ڪري رهيا آهيو؟ اسان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکون ٿا. چيف جسٽس حڪم ڏنو ته اميدوار حلفي بيان سان گڏ معلومات ڪميشن کي فراهم ڪندا جڏهن ته ان سان گڏ ئي هن اليڪشن ڪميشن کي به حلفي بيان جو متن هڪ ڪلاڪ ۾ تيار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان موقعي ته چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪاغذن جي نامزدگي اليڪشن ڪميشن ايڪٽ 2017 جي تحت فارم ٺاهيو ويندو، پاڪستان جي عوام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻ جو حق آهي ۽ الڪيشن ڪميشن کي اختيار حاصل آهي ته هو مناسب معلومات طلب ڪري سگهي ٿو.جسٽس ثاقب نثار چيوته جيڪي نامزدگي فارم موجودا آهن ان سان گڏ اسان اهو چئي ڇڏيندا آهيون ته اميدوار کي فارم جمع ڪرائڻ بعد ٽن ڏينهن اندر هڪ حلفي بيان تي اها معلومات جيڪا اليڪشن ڪميشن ضروري طور تي وٺڻ چاهي ٿو  اُن کي ڏيڻي پوندي.چيف جسٽس پاڪستان چيوته سموري معلومات مڪمل انصاف لاءِ گهري رهيا آهيون، حلفي بيان ريٽرننگ آفيسرن جي سامهون هوندو، اهو اهڙو حلفي بيان هوندو جهڙو سپريم ڪورٽ جي سامهون ڏنو پيو وڃي، جيڪڏهن ان ۾ ڪو به غلط ڄاڻ ڏني وئي ته سڌ سنئو سپريم ڪورٽ اهڙي شخصيت خلاف ايڪشن کڻندي، عدالت 184 جي تحت اختيار استعمال ڪري سگهي ٿي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو ته اليڪشن ڪيمشن کي حڪم ڏنو آهي ته نئين فارم جي ضرورت ناهي، ڪميشن حلفي بيان ٺاهي کڻي ايندو ان کي عدالتي حڪم جو حصو بڻائينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جي آءِ ٽي جي سربراهه کي تبديل ڪيو ويو

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) ايس پي طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے