21 بدھ , نومبر 2018

12 مئي وارو سانحو:  لارجر بئنچ جوڙڻ لاءِ معاملو چيف جسٽس ڏي اُماڻيو ويو

May 12 Sacrifice: The Chief Justice was sent to the Chief Justice for the purpose of making a big benchڪراچي(ويب ڊيسڪ) 12 مئي واري سانحي جي نئين سر جاچ واري سلسلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ لارجر بينچ جوڙڻ لاءِ معاملو چيف جسٽس پاڪستان ڏانهن اُماڻي ڇڏيو. عدالت ڪيس ۾ سهڪار لاءِ فيصل صديقي ۽ شهباب سرڪي ايڊووڪيٽ کي عدالتي مددگار مقرر ڪري ڇڏيو، جڏهن ته عدالت چيو آهي ته چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ 12 مئي واري ڪيس جي وڌيڪ ڪاروائي لاءِ لارجر بينچ جوڙيندو. درخواست گذار گلزار ڪاظمي عدالت کان 12 مئي واري سانحي جي نئين سر جاچ ڪرائڻ جي استدعا ڪئي هئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيوويو آهي ته 12 مئي 2007 تي اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌري جو رستو روڪڻ لاءِ ڪراچي ۾ دهشتگردي ڪئي وئي. درخواست ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف، ايم ڪيو ايم باني ۽ اڳوڻي صلاحڪار وسيم کي پڻ ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي حڪم تي ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ قتل عام ڪيو ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ 50 کان وڌيڪ شهري مارجي ويا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آشيانه اقبال اسڪينڊل: نيب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير خلاف ريفرنس تيار ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ ) نيب آشيانا اقبال اسڪينڊل ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے