21 بدھ , نومبر 2018

اسحاڊ ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ 21 بينڪ ٽرانزيڪشن جو رڪارڊ عدالت ۾ پيش

21 bunk transactions record in court court in case of asset-making income against Ishaar Darاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسحاق ڊار خلاف آمدني وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس جي ٻڌڻي 13 جون تائين ملتوي ڪئي وئي، فريادي جي شاهد محمد عظيم تي صفائي واري وڪيل جي جرح جاري رهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير اسحاق ڊار بابت آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. شاهد اسحاق ڊار جي بينڪ ٽرانزيڪشن جو ريڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. ٽنهي نامزد جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جوابدار سعيد احمد پيشي بعد وڪيل سان گڏ واپس روانو ٿي ويو. سعيد احمد جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سندس طعيت ناساز آهي، ڊاڪٽرن آرام جو مشورو ڏنو آهي، اسان کي اجازت ڏني وڃي، جنهن بعد عدالت انهن جي استدعا منظور ڪري ورتي. شاهد محمد عظيم 21 بينڪن جي ٽرانزيڪشن جو ريڪارڊ دعالت ۾ جمع ڪرايو، جن مان 8 اليڪٽرانڪ ٽرانزيڪشن شامل آهن. ٻڌڻي دوران مددگار وڪيل معظم حبيب جو موبائل وڄڻ لڳو جنهن تي عدالت معظم حبيب مٿان ٻن هزارن رپين جو ڏنڊ هنيو. اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ضمني ريفرنس ۾ نامزد نيشنل بينگ جي صدر سعيد احمد جي بريت واري درخواست 13 تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف سان ڪيمبرين پيٽرول ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ٽيم جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته آرمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے